دادوءَ واري ماهي

دادوءَ واري ماهي (ماڳ): هي ماڳَ قبل از تاريخ جي اوائلي دؤر جا معلوم ٿين ٿا. هي ماڳ ديهه ڏيسوڻي، تعلقي ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄامشوري ۾ 25° 24' 74" اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 55' 56" اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي واقع آهي. قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي ڪوٽيرا اصل ۾ قبرون آهن، هن قسم جون قبرون ڪوهستان واري علائقي ۾ ٻين به ڪيترن هنڌن تي موجود آهن. قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ جي مصنفن حاڪم علي شاهه بخاري ۽ محمد عثمان ميمڻ هنن کي سنگرار (Crain) لکيو آهي. هن قسم جي قبرن جي کوٽائي هينئر تائين ڊملوٽيءَ جي ڀر وارن هنڌن تي ٿي آهي. هنن مزارن کي پٿر جي بلاڪن کي گول دائري ۾ کوڙي، انهن مٿان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ بلاڪ رکي، ڍڪي ٺاهيو ويو آهي.
هنن قبرن مان هڪ قبر اهرام جي صورت ۾ ملي آهي، جيڪا ساڍن پنجن ميٽرن جي ٺهيل آهي، جيتوڻيڪ هتي ڪا به تاريخي يا ثقافتي وٿ نه ملي آهي، پر پوءِ به ڀرسان واديءَ ۾ ٺڪراٺي جا ٽڪرا گھڻي تعداد ۾ پکڙيل ملن ٿا، جن مان ماهرن جو خيال آهي ته اهي گھاٽ پاڻيءَ لاءِ استعمال هيٺ رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو